الهجڙيو شاد

الهجڙيو شاد

الهجڙيو شاد

الهجڙيو شاد: صحافي، اديب ۽ شاعر الھجڙيي ’شاد‘ ولد فتح علي ڪھيري 18 جولاءِ 1945ع تي جهڏي، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي ۽ ڊپلوما لوڪل گورنمينٽ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. سندس شاعري ۽ نثري لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سنڌي ادبي سنگت جُهڏي جي باني ميمبرن مان هو. ميرپورخاص ضلعي جي ادبي سرگرمين ۾ سندس وڏو حصو رهيو. ڪيترائي ادبي ميڙ ۽ سيمينار ڪرايا. 18 آڪٽوبر 2023ع تي جهڏي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو